جي ايم سيد (ڪتاب)1

جي. ايم. سيد (ڪتاب)1: جي. ايم. سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگيءَ بابت هي ڪتاب قمر ڀٽيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر حميده کهڙو جي نالي ٿيل آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ ايڊووڪيٽ حبيب الله ناريجي لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جون مختلف شخصيتن سان گڏ تصويرون پڻ شايع ڪيون ويون آهن. هن ڪتاب ۾ جي. ايم. سيد جي زندگيءَ ۽ سياست جي مختلف رُخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ڪتاب هيٺين عنوانن ۾ ورهايل آهي: گفتگو فڪر ۽ فلسفي جي پالوٽ، عمل ۾ تقدير جي تبديليءَ جو اهڃاڻ، دنيا جي تاريخي ۽ تحريڪي شخصيتن ۽ ڪتابن جي ڄاڻ جو ڀنڊار، بي ڊپو بي باڪ جدوجهد ۽ جستجو ڪندڙ انتهائي حوصلي مند شخص وغيره ڊيمي سائيز جي 190 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي. هن ڪتاب کي اجرڪ اشاعت گهر. سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري 1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو